showhere
Show my Playlist

Home → Search Results for 'ٻارن لاءَ آکاڻيون' - Page 1


The Monkey's Justice - Sindhi Panchatantra

The Monkey's Justice - Sindhi Panchatantra story for kids with a moral value. The story is about two cats fighting for a cake and the monkey finishes the whole cake. Moral of the story is when two people fight, the third one always takes the advantage of it and wins that's why we should not fight amongst each other. Story brought to you by Asha Chand, produced by Sindhi Sangat. باندر جو اِنصاف اَڱڻ ۾ راند ڪرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. پر توهان ڪڏهن ٻلين کي اَڱڻ ۾ وڙهندي ڏٺو آهي؟ هِڪ دفعي جي ڳالهه آهي ”سندرپُر“ نالي هِڪ شهر هو. شهر جي هڪ گهر جي اَڱڻ ۾ هڪ ڪيڪ پيو هو. هِڪ ٻِليءَ اُهو ڪيڪَ ٽُڪر ڏٺو ۽ اُن کي کائڻ لاءِ ڀڄندي آئي. سوِ چيائين،“ اڙي واهه! اَڄ ته موج جي محفل لڳندي. نرم نرم ڪيڪ کائڻ لاءِ مليو آهي.“ پر ايتري ۾ هِڪ ٻي ٻلي به اُتي اچي پهُتي.”ميائو ميائو! ڪري چوڻ لڳي،“ هيءُ ڪيڪ جو ٽُڪر مُنهنجو آهي، مان کائيندس!“ پهرين ٻليءَ چيو،”مان هِتي توکان پهرئين پهُتي آهيان، تون هِتان هلي وڃ ، اِهو سڄو ڪيڪ مان کائيندس“ ميائو ميائو! ٻنهي ٻِلين جو ڪيڪ کائڻ تي جهڳڙو شروع ٿي ويو. ٻئي ٻليون هِڪ ٻئي سان رڙيون ڪري وِڙهڻ لڳيون. هِنن جي پاسي ۾ هِڪ باندر ويٺو هو. ٻنهي ٻلين کي وِڙهندو ڏسي من ئي من ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”پهرين توهان هڪٻئي سان وِڙهڻ بند ڪيو ۽ ڪيڪ مُون وٽ کڻي اچو ته مان توهان کي ڪيڪ هِڪ جيترو وِرهائي ٿو ڏيان“. اِهو چئي باندر ڪيڪ کي ٻِن ٽُڪرن ۾ ورهايو ۽ اُهي ٻئي ٽُڪر ساهميءَ جي ٻِن پُرن ۾ وجهي تورڻ لڳو. ساهميءَ جو هڪ پر هيٺ ٿي ويو. باندر چيو،”اڙي!هيءُ ڪيڪ جو ٽُڪر ٻئي ڪيڪ جي ٽڪر کان ٿورو وڏو آهي. مُونکي هِن کي ننڍو ڪرڻ گُهرجي. سو وڏي ٽُڪري مان چڪ ڀري ننڍو ڪيائين ته ٻيو پُر هيٺ ٿي ويو. هن دفعي پڻ ٻئي پاسا هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا. ٻنهي کي هِڪ جيترو ڪرڻ لاءِ هو ٽڪر ٽڪر چڪ ڀري ٻنهي ڪيڪن مان کائيندو ويو. ايئن ئي ٻنهي ڪيڪ جي ٽڪرن کي هڪ جيترو ڪندي باندر سڄو ڪيڪ ئي کائي پورو ڪيو. ڪيڪ جو هيءُ حال ڏسي ٻئي ٻليون دُکي ٿي هِڪ ٻئي کي نهارڻ لڳيون ۽ ڏاڍو نراس ٿي اتان هلي ويئون. ”سو ٻارو ٻِن ڄڻن جي جهڳڙي ۾ ٽيون هميشهه فائدو وٺي ويندو آهي سو ٻارو اِن ڪري اسان کي پاڻ ۾ وِڙهڻ نه گهرجي.“

29-Aug-2008
Keywords:animation,kids,cartoon,cats,fish,monkey,moral,stories,panchtantra,sindhi,fairy,tales,Story in Sindhi,Panchatantra stories,bandar jo insaf,Justice of Monkey,asha chand,باندر جو اِنصاف,باندر,آشا چاند,ٻارن لاءَ آکاڻيون,سنڌي سنگت,سنڌي ساٿي,سنڌي لَرن

More Videos...

Sindhi Radio Broadcast 24 hours, RadioSindhi.com
24 hour Sindhi broadcast
With variety of 6 stations

Play Sindhi Housie Online

WIN the Sindhian Magazine
WIN the Sindhian Magazine

Sindhi Keyboard online for typing in Sindhi Language Unicode
Sindhi Keyboard Arabic Unicode

Sindhi Videos

Sindhi Dictionary